شعبان بخت

شعبان بخت

شعبان بخت

شعبان بخت: مشهور اديب، صحافي، ايڊيٽر شعبان بخت جو پورو نالو محمد شعبان ولد رسول بخش منگي آهي. سندس جنم پهرين جنوري 1933ع تي ڪشمور ۾ ٿيو. هن ابتدائي تعليم ڪشمور مان، مئٽرڪ سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ مان ۽ ڪاليج جي تعليم سروري ڪاليج هالا مان ورتي. شعبان بخت ڪيتريون ئي سرڪاري توڙي غير سرڪاري نوڪريون ڪيون پر سندس دل نه لڳي. صحافت سان دلچسپي هجڻ سبب سندس واسطو نامور شاعر مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ سان ٿيو. جنهن جي سرپرستيءَ ۾ نڪرندڙ ماهوار ادبي رسالي ‘فردوس’ جو ايڊيٽر بڻيو. بعد ۾ ڳوٺ سڌار انتظاميه پاران نڪرندڙ رسالي ‘ڳوٺ سڌار’ جو اسسٽنٽ ايڊيٽر مقرر ٿيو. 1966ع ۾ روزاني اخبار ‘سارنگ’ جيڪب آباد جو سب ايڊيٽر ۽ 1973ع ۾ روزاني اخبار ‘هلال پاڪستان’ سکر جو سب ايڊيٽر مقرر ٿيو. شعبان بخت 1975ع ۾ اطلاعات کاتي طرفان نڪرندڙ سنڌ جي مشهور ادبي رسالي ‘نئين زندگي‘ حيدرآباد جو جوائنٽ ايڊيٽر مقرر ٿيو. 1992ع ۾ ايڊيٽر ‘نئين زندگي ’ جي عهدي تان رٽائر ٿيو، جنهن بعد شڪارپور مان نڪرندڙ هفتيوار اخبار ‘ناياب‘ جو ايڊيٽر ٿيو. شعبان بخت هڪ صحافي هجڻ سان گڏوگڏ سٺو ڊراما نگار پڻ آهي. سندس هڪ ڊرامو پاڪستان جي پهرين سالگرهه جي موقعي تي 1948ع ۾ اقبال ميموريل لائبرري ڪشمور ۾ اسٽيج تي پيش ڪيو ويو هو.
شعبان بخت جي شعري مجموعن ۾: ‘شغل شباب’، ‘اسان اوهان جا ٿيون ٿا’، ‘جڳ فاني جڳ والي فاني’ (سرائيڪي شاعري) شامل آهن. ان کان سواءِ نثر ۾: ‘ور وطن ڄائي’ (ناول)، ‘سنڌي گائيڊ’، ‘جميله’ (ناول)، ‘سهڻي ميهار’ (ناٽڪ)، ‘عمر مارئي’ (ناٽڪ)، ‘مصور مجاهد’ (ناٽڪ) شايع ٿيل آهن. شاعريءَ ۾ هن ‘بخت’ تخلص ڪتب آندو.
شعبان بخت هن وقت ڪشمور ۾ رهائش پذير آهي.


لفظ شعبان بختھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1933.01.01  عيسوي

شعبان بخت جو جنم پهرين جنوري 1933ع تي ڪشمور ۾ ٿيو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عبدالحق مولوي
حشمت پارواڻي
سڪندر علي مرزا
حيدر سنڌي ڊاڪٽر
الياس سيتا پوري
ديوان ننديرام
شيرازي محمد رضا پروفيسر
خالد ٽالپر
چيٽرجي شرت چندر
ناز سنائي
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون